خانقاهه کنڀرو شريف

خانقاهه، کنڀرو شريف: عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڍوري ناري کان ٻه ميل کن اتر طرف کنڀري جي ڀٽ تي هيءَ خانقاهه آباد آهي. هن خانقاهه ۽ مدرسي جو باني ميون عبدالله اڪبر سمو وڏو درويش، عالم باعمل ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. ميان صابر ولهاريءَ جي اولاد مان آهي. سندس شاگرديءَ جي سند ’ٺٽوي سنڌي‘ آهي. سندس شاگرد عالم باعمل ۽ وقت جا وليءُ الله ٿي گذريا آهن. مشهور درويش ۽ عالم ميون حبيب الله تاملهيار
(راجستان وارو) سندس شاگردن مان هو. ميين عبدالله اڪبريءَ جو بي مثال ڪتب خانو هو، جنهن ۾ ٺٽي جي عالمن جا شهپارا قلمي صورت ۾ محفوظ هئا، پر سنڀال نه ٿيڻ ڪري ڪتب خانو اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو. رهيل ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کڻائي ويو. روايت آهي ته هن ڪتبخاني ۾ مخدوم بلاولرحه جو فارسي زبان ۾ لکيل ڪتاب به موجود هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو